ڇا وڏن ماڻهن کي اجازت آهي ته ڪنهن کي به ماري ڇڏين؟ سپريم ڪورٽ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت خارج ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ۾ قتل جي 4 جوابدارن جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 14 ڪلاڪ دير سان ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ قتل جي ڪارڻ جي فرانزڪ رپورٽ اڄ تائين نه آئي، جوابدار هٿين خالي هئا، ڪا ريڪوري به نه ٿي.

جسٽس سردار طارق ريمارڪس ڏنا ته ڇا هٿين خالي ماڻهو قتل نٿا ڪري سگهن؟ هڪ غريب ويٽر کي انهن جوابدارن معمولي ڳالهه تي قتل ڪري ڇڏيو، هتي ته ويڊيو ٺاهڻ تي به قتل ڪيو ويندو آهي، ڇا وڏن ماڻهن کي اجازت آهي ته جنهن کي چاهين ماري ڇڏين؟ ويٽر رڳو اهو ئي چيو هو ته منهنجي ڊيوٽي ختم ٿي وئي آهي، هڪ ويٽر کي ماري انهن جوابدارن کي ڇا مليو.

عدالت نامزد چئني جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت خارج ڪري ڇڏي، جنهن تي پوليس کين احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.

واضح رهي ته جوابدارن تي ٿانوَ ڌوئڻ کان انڪار تي حيدرآباد جي هوٽل ۾ ويٽر کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

جوابدارن ٽرائل ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ ضمانت خارج ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جوابدارن ۾ رضوان علي، فرمان علي، شاهه محمد ۽ شاهه جهان شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.