آمريڪي صحافي جو ٽرمپ بابت وڏو انڪشاف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صحافي پنهنجي مضمون ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوج کي ذاتي غنڊن جي اسڪواڊ ۾ تبديل ڪرڻ جو ارادو رکندو هو.

آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۾ صحافي ميڪس بوٽ جو هڪ ڪالم ڇپيو آهي جنهن ۾ هن ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ ڪيل ڪجهه فيصلن کي بنياد بڻائي چيو آهي ته جيڪڏهن کيس ٻيو ڀيرو صدارت ملي وڃي ها ته شايد اهو فوج کي پنهنجي ذاتي اسڪواڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ها.

مضمون ۾ اي بي سي نيوز جي هڪ رپورٽر جوناٿن ڪارل جي حاصل ڪيل ميمورينڊم جو حوالو ڏنو ويو آهي جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارتي آفيسرن بابت ڊاريڪٽر جاني پيڪ اينٽي طرفان ٽرمپ کي موڪليو ويو هو.

ان ميمو ۾ ميڪ اينٽي ٽرمپ کي 14 سبب ٻڌايا هئا جن جي بنياد تي دفاعي وزير مارڪ ايسپر کي معطل ڪرڻ گهرجي.

اهو ميمو 19 آڪٽوبر 2020 تي موڪليو ويو هو ۽ ان جي ٽن هفتن کانپوءِ مارڪ ايسپر کي عهدي تان هٽايو ويو هو.

مضمون ۾ صحافي لکيو ته ڪهڙي ريت هڪ 30 سالن جو شخص ميڪ اينٽي جنهن جي اقتدار جي راهدارين ۾ آمد ڊونلڊ ٽرمپ جي بيگ کڻڻ سان شروع ٿي، هاڻي هڪ سينيئر عهديدار کي رڳو انڪري هٽائڻ جو دڳ صاف ڪري رهيو هو ته کيس ٽرمپ جو گهڻو وفادار نه سمجهيو ويندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.