هن سال جي ٻي چنڊ گرهڻ سڀاڻي ٿيندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي ٻي چنڊ گرهڻ سڀاڻي ٿيندي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال جي ٻي چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندي، هن ڀيري چنڊ جي جزوي گرهڻ لڳندي، جزوي چنڊ گرهڻ جو نظارو اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ يورپ جي ڪجهه حصن ۾ ڏسي سگهبو، ان کانسواءِ ايشيا سميت اتر ۽ اولهه آفريقا ۾ به چنڊ گرهڻ ڏسي سگهبي.

موسميات کاتي موجب اها چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ نه ڏسي سگهبي، جڏهن ته سال جي ٻي چنڊ گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب صبح 11 لڳي 2 منٽن تي ٿيندي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ کي جزوي گرهڻ 12 لڳي 19 منٽن تي لڳندي، جزوي چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي منجهند 3 لڳي 47 منٽن تي شروع ٿيندي ۽ مڪمل پڄاڻي 5 وڳي 4 منٽن تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.