هالا: صوفي يونيورسٽي جي پروفيسرز ۽ ليڪچررز پاران وي سي ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

هالا ۾ صوفي يونيورسٽي جي پروفيسرز ۽ ليڪچررز پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پروفيسرز ۽ ليڪچررز ڊاڪٽر  اعجاز علي کوسو، ڊاڪٽر علي مراد لنجواڻي، عرفان زيب  ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته  پنجن سالن کان يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهيا آهيون، پي ايڇ ڊي هجڻ باوجود پڪو نه پيو ڪيو وڃي، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ميڊم پروين منشي سليڪشن بورڊ ڪراچي ۾ ويهاري آهي جيڪو عمل غير قانوني ۽ عدالت جي حڪم جي خلاف ورزي آھي.

هنن چيو ته اسين ان بورڊ کي هرگز تسليم نه ڪنداسين، صوفي يونيورسٽي خود مختيار ادارو آھي جنهن کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي، وي سي  پروين صاحبه اسان کي مختلف طريقن سان حراسان  ڪري رهي آھي.

هنن سنڌ جي وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، سنڌ جي  چيف جسٽس ۽ ٻِين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.