نوابشاهه: ريڙهي پورهيتن جو ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي زيادتين خلاف احتجاج

نواب شاهه ۾ ريڙهي تي فروٽ وڪرو ڪندڙ پورهيتن پاران ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ريڙهي تي فروٽ وڪرو ڪندڙ پورهيتن محمد نديم، اڪرم ڀٽي، اشرف ۽ ٻين پاران نوابشاهه پريس ڪلب آڏو ريڙهيون بيهاري ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي پورهيتن جو چوڻ هو ته هو شھر ۾ فروٽ جون ريڙھيون لڳائي پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهن، ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.

هنن الزام هڻندي چيو ته ٽريفڪ پوليس اهلڪار من پسند ريڙھي وارن کان ڀٽو وٺي انھن کي ڪجھه نٿي چئي جڏھن ته اسان خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته رشوت وٺندڙ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.