حڪومت جلسا نه ڪرڻ ڏنا ته دمادم مست قلندر ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف اسان جي حڪومت مخالف مهم سان وائڙائپ جو شڪار ٿي اسان جا جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سان اسلام آباد ۾ پ پ خيبر پختونخواهه جي صوبائي قيادت ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪي پي جي سياسي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون وينو.

ملاقات دوران صوبائي قيادت بلاول ڀٽو زرداري کي نوشهرا ۽ پشاور ۾ ٿيندڙ جلسن جي حوالي سان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته انتظاميا پشاور ۾ جلسي جي اجازت نه پئي ڏئي، جڏهن ته نوشهرا ۾ جلسي کي ڏسندي به رنڊڪون بيهاريون پيون وڃن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي حڪومت مخالف مهم ڏسي تحريڪ انصاف وائڙائپ جو شڪار ٿي جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري پر پشاور ۽ نوشهرا ۾ هر صورت ۾ جلسا ٿيندا، جيڪڏهن خيبر پختونخواهه ۾ حڪومتي جلسا ٿي سگهن ٿا ته پ پ جا جلسا ڇو نٿا ٿي سگهن.

پ پ چيئرمين صوبائي قيادت کي هدايت ڪئي ته انتظاميا اجازت ڏئي يا نه ڏئي، سڀني رنڊڪن باوجود جلسا ڪيو، جلسن جي پابندي جي آڙ ۾ عوام ۽ جيالن کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته دمادم مست قلندر ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.