سوڊان: فوجي بغاوت خلاف مظاهرا، 14 ماڻهو مارجي ويا

خرطوم(ويب ڊيسڪ) سوڊان جي گادي واري هنڌ خرطوم ۾ فوجي بغاوت خلاف مظاهرن دوران 14 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

خرطوم ۽ ٻين شهرن ۾ سوڊاني فوجي جي ڪمانڊر طرفان کنيل قدمن خلاف ڪيترن ئي ڏينهن کان هلندڙ مظاهرن ۾ شامل ماڻهن جمهوريت جي بحالي سان گڏوگڏ سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

پوليس گذريل ڏينهن مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو جنهن جي ڪري 14 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جڏهن ته مارجي ويل ماڻهن جي اڪثريت ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي وڌيڪ استعمال جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سان ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.