گھوٽڪي: احساس رجسٽريشن سينٽر عورتن لاءِ عذاب بڻجي ويو

گهوٽڪي جو احساس رجسٽريشن سينٽر عورتن لاءِ عذاب بڻجي ويو، رجسٽريشن سينٽر تي ايندڙ عورتن لاءِ سينٽر اندر ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا ۽ عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.

احساس رجسٽريشن سينٽر تي  مقرر عملو ۽ پوليس اهلڪار 500 کان 1000 رپيا رشوت وٺي عورتن جي رجسٽريشن ڪرڻ لڳا جڏهن ته رشوت نه ڏيندڙ عورتون رجسٽريشن لاءِ دربدر بڻيل آهن.

ان حوالي سان رجسٽريشن سينٽر تي موجود عورتون دانهيندي چيوته گذريل هڪ مهيني کان رجسٽري لاءِ چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيون آهيون پر هتي موجود عملو رشوت عيوض ڪم ڪري پيو رشوت نه ڏيندڙ عورتون ڪيتري ئي عرصي کان احساس رجسٽري لاءِ پريشان بڻيل آهن جڏهن ته سينٽر تي مقرر پوليس عملدار عورتن جي تذليل پيا ڪن.

عورتن وفاقي سرڪار توڻي ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته گهوٽڪي جي احساس رجسٽريشن عملي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سينٽر جو ماحول بهتر بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.