”سمنڊ پار پاڪستانين جي پئسي سان ملڪ ٿو هلي پر انهن کي ووٽ جو حق نه هو”

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهي تبديلي نٿا چاهين، مُئل ماڻهن جا ووٽ داخل ڪرايل آهن.

سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ڊجيٽل پورٽل جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان اسان ڪڏهن پرڏيهه ۾ پاڪستانين کي اثاثو نه سمجهيو، انهن کي ملڪي جمهوريت ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ پاور آف اٽارني جو وڏو مسئلو هو، اهو به حل ڪيو.

هن چيو ته ٽيڪنالاجي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ٽيڪنالاجي استعمال نه ڪرڻ کان وڌيڪ احمقاڻي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي ٿي سگهي، تنهن ڪري اسان کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي منظوري سان ڏاڍي خوشي ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته 1970 کانپوءِ چونڊون شفاف ناهن ٿيون، ٽن سالن جي ڪوشش کانپوءِ ٽريڪ ۽ ٽريس سسٽم آڻي رهيا آهيون، اي وي ايم سان ڌانڌلي سان سمورا دڳ بند ٿي ويندا.

وزيراعظم چيو ته اپوزيشن سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي مخالفت ڇو پئي ڪري؟ سمنڊ پار پاڪستانين جي پئسي سان ملڪ هلندو آهي پر انهن وٽ ووٽ جو حق نه هو، جيڪو غلط هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.