چڙيا گهر ۾ ڪُتن جي حملي ۾ 4 هَرڻ مَري ويا

 

ساهيوال (ويب ڊيسڪ) ساهيوال جي ڪنعان پارڪ جي چڙيا گهر ۾ مبينا طور ڪتن جي چڪڻ سان 4 هرڻ مَري ويا.

ذريعن موجب ساهيوال جي ڪنعان پارڪ جي چڙيا گهر ۾ 3 هرڻ گذريل ڏينهن، جڏهن ته هڪ هرڻ اڄ مري ويو، مرندڙ هرڻن جي جسمن تي زخمن جا نشان هئا.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته چارئي هرڻ ڪنهن جانور جي چڪڻ سان مُئا، مرندڙ هرڻن کي دفنايو ويو آهي.

هوڏانهن شهرين واقعي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.