ميٿيو هيڊن جو پاڪستاني ٽيم لاءِ اردو ۾ خاص پيغام

 

برسبين (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ ميٿيو هيڊن گرين شرٽس لاءِ اردو ۾ خاص پيغام جاري ڪيو آهي.

اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ٽوئيٽر تي اردو ۾ پيغام جاري ڪندي پاڪستان کي سلام لکيو ۽ چيو ته مان برسبين ۾ قرنطينه سينٽر ۾ پنهنجي آئسوليشن مڪمل ڪري رهيو آهيان پر منهنجي دل ڍاڪا ۾ موجود پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀني رانديگرن ۽ سپورٽنگ اسٽاف سان جڙيل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجون نيڪ خواهشون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ آهن، شاباش ڇوڪرئو! ڇائنجي وڃو.

پنهنجي پيغام جي آخر ۾ پيٿيو هيڊن ”پاڪستان زنده آباد“ به لکيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.