شگر جي مريضن لاءِ بهترين کاڌا

ذيابطيس ۾ جسم رت ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول ناهي ڪري سگهندو پر رت ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول  ۾ رکڻ جا ڪيترائي طريقا موجود آهن.

ذيابطيس جي ماهرن موجب شگر ي مريضن لاءِ پنج فروٽ اهڙا آهن جيڪي رت ۾ شگر جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.

اڇا صوف شگر جي مريضن جي لاءِ سپر فوڊ سمجهيا ويندا آهن اهي زنڪ، آئرن ۽ ٻين ٽريس ميٽلز سان ڀرپور هوندا آهن جيڪي بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.

اڇا صوف شگر جي مريضن جي لاءِ سُپر فوڊ سمجها ويندا آهن اها زنڪ، آئرن ۽ ٻين ٽريس ميٽلز سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

اڇي صوف ۾ کنڊ جو مقدار تمام گهٽ هوندو آهي جڏهن ته ڳاڙهي صوف ۾ شگر جو مقدار گهڻو هوندو آهي.

موسمبي ۾ گليسيمڪ انڊيڪس گهٽ هوندو آهي جيڪو ذيابطيس مريضن جي لاءِ فائديمند آهي، موسمبي وٽامن سي، فليوونائڊ اينٽي آڪسيڊنٽس ۽ فائيبر سان ڀرپور هوندو آهي.

انکانسواءِ ناسپاتي جو گلائيسيمڪ انڊيڪس گهٽ هوندو آهي، انڪري رت ۾ شگر جي سطح کي جلدي ناهي وڌائندو، ناسپاتي وٽامن اَي، سي، اِي، بي 1، بي 3 ۽ بي 9 سان ڀرپور هوندي آهي.

ڄمون ۾ وٽامن اَي، سي گروپ بي ۽ ڊي جو مقدار گهڻو هوندو آهي جيڪو هاءِ بلڊ شگر ليول جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندو آهي.

ان سان گڏ زيتون گهٽ گليسيمڪ انڊيڪس هجڻ سان گڏوگڏ ان ۾ سوڊيم جو مقدار گهٽ ۽ پوٽيشيم جو مقدارگهڻو هوندو آهي.

زيتون ذيابطيس جي مريضن جي صحت لاءِ تمام ضروري هوندو آهي، زيتون ۾ به موسمبي جي مقابلي ۾ چار ڀيرا وڌيڪ وٽامن سي هوندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.