سلمان خان جي عوام کي راضي ڪرڻ لاءِ آگاهي وڊيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اسٽار سلمان خان ڀارت ماڻهن خاص ڪري مسلمان ڪميونٽي کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ ڀارتي رياست مهاراشٽر جي حڪومت جي مدد سان هڪ آگاهي وڊيو رليز ڪئي آهي.

سلمان خان ان وڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته اسان سڀني کي خبر آهي ته گذريل ڏيڍ سال کان ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ ڪهرام مچائي ڇڏيو آهي، هڪ کانپوءِ هڪ ڪورونا جي لهر اچي رهي آهي.

هن چيو ته ڪورونا کي روڪڻ لاءِ ويڪسين ئي هڪ هٿيار آهي.

اداڪار ڀارت جي عوام کي اپيل ڪئي ته ويڪسين بابت افواهه نه ڦهلايو ۽ ياد رکو ته ويڪسين لڳرائي توهان نه رڳو پنهنجو پاڻ کي پر پنهنجي خاندان، معاشري ۽ ملڪ کي به محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڏيندئو.

سلمان خان اها درخواست ڪئي ته سڀ ماڻهو جلد کان جلد ڪورونا وائرس جي بچاءَ کان ويڪسين لڳرائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.