ڪلڀوشن بابت بل تي اٽارني جنرل جون اپوزيشن کي وضاحتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن بابت بل جي حوالي سان اپوزيشن کي ان ڪئميرا بريفنگ ڏني آهي.

پنهنجي بريفنگ ۾ اٽارني جنرل چيو ته موجوده بل خاص طور ڪلڀوشن لاءِ ناهي، اهو بل اڳتي به ڪنهن جاسوس يا لاڳاپيل ڪيس تي لاڳو ٿيندو، ڪلڀوشن کي ڪو واڌو آپشن ناهي ڏنو ويو، نه ئي پاڪستاني شهرين وارا حق ڏنا ويا.

سندس موجب اهو چوڻ زيادتي آهي ته حڪومت ڪلڀوشن کي اين آر او ڏنو، اپوزيشن کي درخواست آهي ته قومي سلامتي جي مسئلي کي سياسي ايشو نه بڻائي، ڪلڀوشن کي وڪيل ڪري ڏيڻ جو اختيار اڳ ئي ڀارتي هاءِ ڪميشن وٽ هو، ڀارتي هاءِ ڪميشن ڄاڻي واڻي وڪيل نه ڪيو، موجوده بل ۾ قانون وارو سيڪريٽري ڪلڀوشن لاءِ وڪيل مقرر ڪندو، ڪلڀوشن جو جيڪو ٽرائل ۽ سزا ٿي، اها درست هئي.

ان کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي اٽارني جنرل چيو ته ڪلڀوشن کي اپيل جو حق ڏيڻ سان سزا يا ٽرائل تي ڪو فرق ناهي آيو، ان بي ڏوهه پاڪستانين کي ماريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.