راولپنڊي ۾ 7 ورهين جي شاگردياڻي سان زيادتي ڪندڙ استاد گرفتار

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پوليس 7 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ اسڪول ٽيچر کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب ٻارڙيءَ سان زيادتي جو واقعو صدرواهه ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، جتي اسڪول ٽيچر 7 ورهين جي شاگردياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ متاثر ٻارڙيءَ جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي، جاچ ڪري ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.