عدالت جي پنجاب حڪومت کي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف گهرائڻ جي هدايت

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ سبب حڪومت کي نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف سان ڪم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم، شيراز ذڪا ايڊووڪيٽ ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جڊيشل واٽر ڪميشن عدالت ۾ سموگ ايمرجنسي پلان پيش ڪيو.

جڊيشل واٽر ڪميشن 500 کان وڌيڪ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس وارن علائقن ۾ سمورا صنعتي يونٽ بند ڪرڻ جي به سفارش ڪئي.

عدالت پي ڊي ايم اي جي آفيس ۾ سموگ سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ سموگ جي تدارڪ لاءِ ٽريفڪ پلان طلب ڪري ورتو.

عدالت ايمرجنسي ڪال لائن قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو، جنهن ذريعي ڪو به شهري ٽريفڪ جام جي شڪايت ڪري سگهندو.

لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ سبب حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته اها نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف سان ڪم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري، جڏهن ته عدالت 400 کان وڌيڪ ايئر ڪوالٽي انڪڊيس وارن علائقن ۾ اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز د ڪري ڇڏي.

عدالت پنجاب حڪومت جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته سرڪاري ادارن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف ذريعي ڪم تي به غور ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.