ڪافي ۽ چانهه وڏين بيمارين جا خطرا گهٽائڻ جو سبب

هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪافي يا چانهه پيئڻ سان انسان ۾ فالج ۽ ڊيمنشيا جا خطرا گهٽ ٿي سگهي ٿو.

PLOS Medicine ۾ ڇپيل تحقيق موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪافي پيئڻ سان ڊيمنشيا يا ياد داشت ۾ گهٽتائي ۽ فالج کانپوءِ ڪا گنيٽو فنڪشن ۾ گهٽتائي جو خطرو به گهٽ ٿيندو آهي.

انگ اکر جي ڀيٽ جي صورت ۾ نتيجو ظاهر ڪيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي روز ٻه يا ٽي ڪوپ ڪافي يا ٽي کان پنج ڪوپ چانهه يا چار کان ڇهه ڪوپ ڪافي ۽ چانهه جو گڏيل مجموعو پيئندا آهن، انهن ۾ ڊيمنشيا ۽ فالج جو خطرو انهن جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو گهٽ هوندو آهي جيڪي انهن ٻنهي مان ڪا به شيءِ ناهن پيئندا.

تحقيق موجب جيڪي ماڻهو روز انهن ٻنهي شين جا ٻن کان ٽي ڪوپ پيئندا آهن انهن ۾ آمريڪين جي لاءِ غذائي هدايتن ۾ تجويز ڪيل مقدار ۾ فالج جو خطرو 32 سيڪڙو گهٽ هو ۽ ڊيمنشيا جو خطرو 28 سيڪڙو گهٽ هو.

هن اهو به چيو ته ڪافي جي اڪيلي يا چانهه سان گڏ فالج کانپوءِ، يا ويسڪولر، ڊيمنشيا جيڪو فالج کانپوءِ ٿيندو آهي، جا خطرا 40 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.