ملڪ ۾ ڪجهه ڏينهن لاٿ کانپوءِ سون جو اگهه چڙهي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن سون جو اگهه گهٽجڻ کانپوءِ اڄ وڌي ويو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 2 هزار رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 24 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1715 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 6 هزار 310 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 2 ڊالر گهٽجي 1860 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.