ڪنڌڪوٽ: ويڪسينيٽرز جو مطالبن جي مڃتا لاءِ 18 هين ڏينهن به احتجاج

ڪنڌڪوٽ  ۾  صحت کاتي جي ويڪسينيٽرز پاران 18 هين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي ايڇ او آفيس آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن محمد نواز سميجو ـ قاضي اعجاز ـسيد سردار شاهه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ 336 ويڪسينيٽرن برطرف ڪري بيروز گار ڪيو ويو آهي جنهن سبب هو فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته شھد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن هو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان پر سنڌ حڪومت ماڻهن کان روزگار کسي رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته برطرف ڪيل ويڪسينيٽرز کي بحال ڪري جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.