شهدادڪوٽ: آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران سن ڪوٽا ۽ صحت ڪارڊ نه ملڻ خلاف ڌرڻو

شھدادڪوٽ ۾ آبپاشي کاتي پاران سن ڪوٽا نه ملڻ  ۽ صحت ڪارڊ منظور نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

متحده فيڊريشن رائيٽ بئنڪ ريجن لاڙڪاڻي جي صدر اويس تونيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن اويس تونيو، علي شير سانگي، شرافت جتوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جي ملازمن سان ناانصافين جي حد ڪري ڇڏي آهي جنهن جو ثبوت رٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي سن ڪوٽا تحت نوڪريون نه ڏيڻ آهي.

ھنن چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور  ۾ آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي اولاد کي سن ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وينديون ھيون پر  سنڌ جي حڪومت ائين ناهي ڪري رهي، جيڪا ملازمن سان ناانصافي آهي.

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهيني اندر سن ڪوٽا ڏئي صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سي ايم هائوس ڪراچي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.