بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، ڏاهاڻي وري نظرانداز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ 12 رڪني پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شاهنواز ڏاهاڻي کي موقعو ناهي ڏنو ويو.

قومي ٽيم هن وقت بنگلاديش جي دوري تي موجود آهي، جيڪا سڀاڻي کان ميزبان ٽيم خلاف 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات ڪندي.

19 نومبر تي بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ 12 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، محمد رضوان، حيدر علي، فخر زمان، شعيب ملڪ، خوشدل شاهه، محمد نواز، حسن علي، محمد وسيم جونيئر، حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي شامل آهن، جڏهن ته فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرانداز ڪيو ويو آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ورلڊ ڪپ جو مومينٽم جاري رکي سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ چاهيون ٿا، ان سيريز کانپوءِ ويسٽ انڊيز خلاف به ميچون آهن، اسان ڪوشش ڪنداسين ته بئنچ تي موجود ڇوڪرن کي به موقعو ڏيون، جڏهن ته ڪنهن به ٽيم کي آسان نٿا سمجهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.