سلمان خان کي اولاد ڏيڻ واري طريقي سان پريتي پنهنجي جاڙن ٻارن کي جنم ڏئي ورتو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري اداڪارا پريتي زنٽا کي سروگيسي ذريعي جاڙن ٻارن جي پيدائش ٿي آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پريتي مڙس سان گڏ هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪندي پنهنجي جڙوا ٻار ”جَي ۽ جيا“ جي آمد جي حوالي سان اطلاع ڏنو.

پريتي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اڄ مان سڀني کي هڪ بهترين خبر بابت ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مان ۽ جين گڊ انف اهو ٻڌائيندي وڏي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ته اسان ٻنهي بي پناهه محبت سان پنهنجي فيملي ۾ جاڙي ٻارن ”جي زنٽا گڊ انف ۽ جين زنٽا گڊ انف“ کي ڀليڪار ڪيو آهي.

پريتي لکيو ته ان جو مڙس پنهنجي فيملي ۾ ٻارن جي اچڻ تي تمام گهڻو خوش آهي.

اداڪارا سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ سروگيٽ (ٻارن کي جنم ڏيڻ واري ماءُ) جا به ٿورا مڃيا.

ياد رهي ته 2001 ع ۾ آيل باليوڊ جي فلم چوري چوري چپڪي چپڪي ۾ اداڪارا پريتي زنٽا پاڻ سروگيٽ جو ڪردار ادا ڪيو هو.

فلم ۾ پريتي زنٽا، سلمان خان ۽ راني مڪرجي کي اولاد ڏيڻ جي لاءِ انهن جي ٻار جي ماءُ بڻي هئي ۽ 20 سالن کانپوءِ اهڙو ئي فلمي ڪردار ان پنهنجي حقيقي زندگي ۾ ڪيو آهي جنهن پنهنجي جاڙن ٻارن کي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ماءُ جو سهارو ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.