شاهپور چاڪر ۾ مزدا اونڌي، 3 ڄڻا زخمي

شاھپورچاڪر (ن ع آ) شاھپورچاڪر مال پڙي وٽ ڪڪڙين سان ڀريل مزدا گاڏي جي سامھون ڪار اچڻ ڪري مزدا گاڏي ڪلٽي ٿي روڊ تي گھلبي ڀرسان نجي اسڪول جي لڳل سائين بورڊ سان وڃي ٽڪرائي جڏھن تہ مزدا گاڏي جي مٿان ويٺل ٻہ پورھيت فرحان ۽ محسن ۽ ھڪ واٽھڙو سميت 3ڄڻا شديد زخمي جنھن ۾ ھڪ جي حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي ڀرسان رورل هيلٿ سينٽر ھجڻ ڪري ڪابہ ايمبولينس نہ پھتي جنھن ڪري شديد زخمين کي رڪشا ڦٽي تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کين نواب شاھ اسپتال ڏانھن ريفر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.