پير ڳوٺ ويجهو هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل ڳوٺاڻو معذور ٿي ويو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ پنڃل ڀنگر ۾ 15 ڏينهن اڳ هٿياربندن جي حملي دوران گوليون هڻي زخمي ڪيل نوجوان ثناءٌ الله ڀنگرجي خيرپور اسپتال ۾ حالت خراب ٿيڻ بعد کيس جناح اسپتال ڪراچي ۾ رفر ڪيو ويو، جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن نوجوان جي زندگي بچائڻ لاءِ گولين ۾ پروڻ ٿيل هڪ ڄنگھ ڪٽي سندس  حياتي بچائي ورتي آھي، ان سلسلي ۾ نوجوان ثناءُ الله ڀنگر جي وارثن احتجاج ڪندي چيو آھي ته 15 ڏينهن اڳ بدنام ڏوھاري عبدالغفور عرف غفورو ڀنگر، مبين ڀنگر ۽ ٻين اسان جي ٻن ڄڻن ثناءُ الله ڀنگر ۽ معصوم محمد حمزه کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو هو، جنهن جو ڪيس فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان داخل ٿيل آھي پر پوليس جوابدارن کان وڏي رشوت وٺي هڪ به جوابدار گرفتار ناھي ڪيو،ويتر جوابدارن اسان جي ڳوٺ جي چوڌاري هٿياربند بيھاري ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا رھيا ۽ گهرن ۾ قيد رھياسين جنهن سبب هٿياربندن جي خوف کان زخمي نوجوان جي معصوم نياڻي علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، انھيءَ باوجو به پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي ناھي ڪئي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.