آريجا ٿاڻي تي تحفظ لاءِ عورت پهتي، عدالت ۾ پيش

خير محمد آريجا  ( ن ع  آ  ) ڳوٺ خير محمد آريجا لڳ جهنڊو سھڙو جي رھواسڻ خالدہ ڌي طالب حسين سھڙو جي شادي 2019 ۾ ذيشان راشدي ويٺل پير جھنڊو ٿي ھئي جيڪا پنھنجي ڳوٺ جھنڊو سھڙو گھمڻ آئي پي جي گھر رھڻ بعد عدالت جناب فيملي سول جج ٿرڊ لاڙڪاڻو وٽ پيش ٿي ۽ مڙس کان طلاق ورتي ڪجھه وقت پي وٽ رھڻ بعد ڪالھه گھران نڪري يونيورسٽي ٿاڻي آريجا ۾ تحفظ لاءِ پيش ٿي ۽ چيائين ته منھنجو ۽ ڀائرن مان جاني خطرو آ هي مون کي مارڻ چاھين ٿا جنھن تي يونيورسٽي پوليس ايڊيشل سيشن جج  وٽ پيش ڪئي جنھن ۾ ھن جو اڳوڻو مڙس ۽ پي ماءُ به ڪورٽ ۾ موجود ھئا جنھن تي خالدہ پنھنجي اڳوڻي مڙس ذيشان راشدي سان وڃڻ لاءِ چيو عدالت سڳوري حڪم ڪيو ته خالدہ کي مڙس حوالي ڪيو وڃي جيڪي پنھنجي ڳوٺ پير ڄھنڊو روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.