انور لغاري سنڌ جي خوشحالي لاءِ پتوڙيو:روشن ٻرڙو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر انور لغاري جي 6هين ورسي اڄ 18 نومبر تي شام 4 وڳي ماروي لان قاسم آباد حيدرآباد ۾ ملهائي ويندي. پارٽي ترجمان جي جاري ڪيل بيان مطابق تعذيتي جلسي کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه سميت مختلف سياسي اڳواڻ، دانشور، صحافي خطاب ڪندا. جلسي کانپوءِ صوفي راڳ جي محفل جو پڻ اھتمام ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر انور لغاري کي 2015 جي بلدياتي چونڊن دوران قاسم آباد حيدرآباد ۾ شهيد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ايس يو پي جا ٻه ڪارڪن سميع چانڊيو ۽ عبدالسميع چانڊيو زخمي پڻ ٿيا هئا. ان سلسلي ۾ ايس يو پي جي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر انور لغاري هڪ ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن هو، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سنڌ وطن جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ سندس ڪوششون نه وسرڻ جوڳيون آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر انور لغاري سياسي ڪارڪن سان گڏوگڏ هڪ بهترين ڊاڪٽر ۽ سماجي اڳواڻ پڻ هو، جنهن سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ هميشه ڪوششون ڪيون.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.