ترقي پسند ڌرين جي رستا روڪ ڪئي وئي:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ نامور محقق ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي سالگرھ جي شاندار پروقار تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي ۽  سماجي اڳواڻن نامور پرڏيهي فنڪاره چنديراماڻي، سافڪو سربراھ سليمان ابڙو، ھينڊس حيدرآباد جو ھيڊ رزاق عمراڻي، يو اين ڊي پي سان لاڳاپيل نامور شاعر جاويد سوز،  سيپ حيدرآباد جي ھيڊ شھناز شيدي، عيسيٰ ليبارٽريز جي ھيڊ ڊاڪٽر فوزيہ، ڪاشف صديقي، درشن سچديو، ايڊووڪيٽ دلبر لغاري، خالد ٻٻر، ايڊووڪيٽ  مظھر ميمڻ، آزاد ميرواھي، سئي گيس جو سينيئر مينيجر اعجاز احمد شيخ، شوڪت سريوال، مقصود جھتيال، واسو مل کتري ۽ ٻين اھم شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو۔ ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھيندي چيو ته جيڪڏھن پاڪستان ۾ ترقي پسند، روشن خيال سياست ۽ شخصيتن جي رستا روڪ نہ ڪئي وڃي ھا، انھن کي ڪمزور نه ڪيو وڃي ھا۔ صوبن ۾ برابري ھجي ھا ته اڄ ملڪ جون حالتون گھٽ، ٻوسٽ ۽ جبر واريون نہ ھجن ھا، انساني آزادي يرغمال نه ھجي ھا۔  اياز لطيف پليجي چيو ته ھي دور پٿر جو ناھي۔ ھي دور علم جو آھي، عقل جو آھي، سائنس جو آھي، ترقي پسند ۽ روشن خيالي جو آھي۔ اسان کي اڳتي وڌڻو آھي تہ حقيقي برابري، رواداري، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪرڻي پوندي۔ حقيقي جمھوريت کي اڳتي آڻڻو پوندو۔ مخصوص طبقي جي مفادن لاء مٿين طبقي کي مينيج ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.