ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءَ جا ٽڪا هڻندڙ ٽيم سان سهڪار ڪيو: ڊي سي

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص سيد اعجاز علي شاهه چيو آهي ته ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن انهن جي بهتر صحت لاءِ اسان کي هر سطح تي قدم کڻڻ گهرجن اُرڙي ۽ روبيلا کان بچاءُ لاءِ ويڪسين ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي، ان سان گڏوگڏ صحت کاتي پاران مقرر فڪس مرڪزن ۽ صحت مرڪزن تان به  ويڪسينيشن ڪرائي سگهجي ٿي.  اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽ ٽريزا آمريڪن اسپتال ۾ 9 مهينن کان 15 سالن تائين جي ٻارن کي اُرڙي ۽ روبيلا کان بچاءُ جي ويڪسين پيارڻ واري مهم جو افتتاح ڪندي ڪيو، جيڪا 15 نومبر کان 27 نومبر 2021 تائين جاري رهندي . ان موقعي تي هن روبيلا ۽ اُرڙي  مهم جي افتتاح دوران  پوليو مھم جي آغاز جي سلسلي ۾ ٻارن کي پوليو کان بچائو جا قطرا  پياريا هن چيو ته بيمارين کان بچاءُ ۽ بهتر صحت جا ٻه طريقا آهن  هڪ دوا ۽ ٻيو احتياطي تدبيرون اسان کي سڀ کان پهريان احتياطي اُپاءَ وٺڻ گهرجن .ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين ڄامڙو، ڊاڪٽرنارائن نارائڻ داس، نعيم ملاح ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا

  • نصيرآباد جي ٽن يوسي سيڪريٽرين چارج ڇڏي ڏني

نصيرآباد (ن ع آ ) سپریم ڪورٽ جي حڪم مطابق بلدياتي سيڪريٽري پاران يوسي سيڪريٽرين کي مليل ايڊيشنل چارج ڇڏڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، يوسي نصيرآباد تعلقي جي ٻن يوسين ڏيرا ۽ چئوديرو جي سيڪريٽرين ايڊيشنل چارج واپس ڪري ڇڏي، جڏهن ته يوسي مرادي جي سيڪريٽري طارق لانگاھ کي ٻه، ٻه چارجون هئڻ جو انڪشاف، لوڪل گورنمينٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ يوسي جي موجوده سيڪريٽري جو ڪٿي به ذڪر نه باوجود کيس چارج مليل، يوسي ميانداد چنجڻي جي سيڪريٽري احمد علي پڻ ٻه، ٻه چارجون سنڀالڻ جو انڪشاف، جنھن مان هڪ چارج سکر ڊويزن ۽ ٻي چارج لاڙڪاڻي ڊويزن جي تعلقي نصيرآباد جِي يوسي ميانداد چنجڻي سنڀالڻ لڳو، نصيرآباد تعلقي جي 3 يوسين ۾ سيڪريٽري نه هئڻ سبب يوسين جا رهاڪو پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.

  • لکي لڳ حادثو، ڊي ايس پي آفيس جو پٽيوالو زخمي

لکي غلام شاھ (ت ر) لکي غلام شاھ شهر ٻاهران گذريل ڏينهن تيز رفتار لوڊر رڪشا جوٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڊي ايس پي آفيس لکي جو پٽيوالو عطا محمد ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي بروقت لکي اسپتال آندو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس سکر ريفر ڪيو ويو هوڏانهن لکي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لوڊر رڪشا ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.