اوٻاوڙو لڳ ڦاٽڪ بند، علائقي جا سوين ڳوٺاڻا پهچي ويا، ڌرڻو

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو ريلوي انتظاميا پاران ريتي لڳ ڦاٽڪ نمبر 52 بند ڪري ڇڏي ڦاٽڪ بند ٿيڻ خلاف علائقي جا سوين ڳوٺاڻا ريلوي ٽريڪ تي پھچي ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو ھڻي ريلوي انتظاميا خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي علائقي واسين مٺڻ خان شر، فياض خان چاچڙ، محمد پنھل چاچڙ، رئيس سڪندر علي چاچڙ، اي ڊي شر، ارشاد چاچڙ  ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جي ھزارين ايڪڙ  زرعي زمين آھي، اسان ان ڦاٽڪ کان پنھنجي اچ وڃ ڪندا آھيون جيڪڏھن ھي ڦاٽڪ بند ڪئي وئي ته اسان کي کينجھو ڏھرڪي ڦاٽڪ يا ريتي اسٽيشن ڦاٽڪ تان گذرڻو پوندو جيڪو اسان کان 30 ڪلوميٽر پري آھي اسان ھتان ڪمند، ڪپهھ ساريون  ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون، فصلن لاءِ ڀاڻ ۽ مشينري گذاريندا آھيون جيڪو اسان لاءِ ڏکيو ٿي پوندو، جڏھن ته ھتان ريتي سٽي اسان کي ٽي ڪلو ميٽر ويجھي آھي ڦاٽڪ بند ڪيو ويو ته ريتي شھر وڃڻ لاءِ ٽن ڪلو ميٽرن وارو فاصلو 30 ڪلو ميٽر ڪرڻو پوندو جيڪو اسان آبادگارن ۽ ھارين لاءِ ھن مھانگائي جي دور م ڏاڍو ڏکيو آهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي ڦاٽڪ کولرائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.