قمبر ۾دڪان مان چوريءَ جي ڪوشش

قمبر (ڊ ر) قمبر ۾ڪالھه رات جميعت علماء اسلام تعلقہ قمبر جي جنرل سيڪريٽري محمد يونس لاکو جي دڪان کي چورن طرفان ڀڃڻ جي ڪوشش مولانا حافظ محمد عذير گل جاگيراڻي،مولانا عبدالرزاق سولنگي،محسن ممتاز ٻرڙو،صدام علي سانگاھ،ملان مشتاق چانڊيو،محمود مصطفي ٻيروي ۽ ٻيا واقعي واري هنڌ پهتا افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته دڪان صدر ٿاڻو جي سي آئي ٿاڻوپوليس لائن ۽ گجهن ادارن جو دفتر به اتي موجود آهي پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي اسان ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيون ٿا فورن معاملي جو نوٽيس وٺي چورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو حق رکون ٿا ان معاملي تي جمعيت علماء اسلام قمبر طرفان اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو

  • نصيرآباد جي مال پڙي ٽائون کان مارڪيٽ ڪميٽي ڏانهن منتقل

 

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ٽائون ڪميٽي جِي مال پڙي جيڪا شهر جا ننڍا ننڍا خرچ ۽ ڏهاڙي دار ملازمن جو چرخو هلائيندي هئي، جنهن جو گذريل سال ٽينڊر 1ڪروڙ 35 لک ۾ ٿيو هيو، جيڪا هلندڙ سال  ڳجھ ڳوھ ۾ ٽائون ڪميٽي کان مارڪيٽ ڪميٽي ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي، 7 مهينا گذرڻ باوجود آمدني جي پيسن کان مارڪيٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري رياض شاھ پڻ بيخبر بڻيل آهي، سيڪريٽري مارڪيٽ ڪميٽي رياض شاھ کان معلوم ڪيوسين، ته ٻڌايائين ته آءُ مال پڙي جي آمدني کان لاعلم آھيان، مون کي مال پڙي جي آمدني جِي ڪابه خبر ناهي، ته پيسا ڪير ۽ ڪاڏي کڻي ويندو آهي. ان ڏس ۾ نصيرآباد شهري اتحاد جي صدر ڪامريڊ سينگار نوناري جو چوڻ آهي، ته نصيرآباد جِي ٽائون ڪميٽي جي سڀ کان وڏي آمدني جي وسيلي کي ڳجھ ڳوھ ۾ مارڪيٽ ڪميٽي ڏانهن منتقل ڪرڻ شهر دشمني آهي، جنهن جِي مذمت ڪندي، مطالبو ڪريون ٿا، ته گذريل 7 مهينن کان مال پڙي جِي آمدني جي پيسن جو احتساب ڪيو وڃي ۽ خرد برد ڪندڙن کي سزا ڏئي، مال پڙي ٽائون ڪميٽي کي واپس ڪئي وڃي.

  • قمبر ۾پوليس جون ڪارروائيون، منشيات فروش گرفتار

قمبر (ت ر ) ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنہ جي سخت احڪامات تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي۔ضلع قمبر شهدادڪوٽ پوليس جون منشيات فروشن خلاف دبنگ ڪاروائي جاري. قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس ڳجھي اطلاع تي قمبر ميروخان روڊ لڳ نور واھ پل وٽ مهراڻ ڪار رجسٽريشن نمبر 449-AEL ماڊل 2002 رنگ سلور کي روڪي ڪار جي ڳجھن خانن مان 60 ڪلو اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪري بين الصوبائي منشيات فروش جوابدار ديدار سنجراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو ڪراچي جو رهواسي آهي.هٿ ٿيل چرس جي ماليت لکين روپيہ ٻڌائي پئي وڃي۔جڏهن تہ منشيات فروش خلاف منشيات ايڪٽ تحت قمبر سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنہ چيو تہ منشيات فروشن خلاف قمبر شھدادڪوٽ پوليس جون ڪاروايون جاري آھن۔ ضلعي مان منشيات فروشن جي خاتمي تائين پوليس جون اهڙيون ڪارروايون روزانہ جي بنياد تي جاري رهنديون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.