مانجهند ۾آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو،نياز ڪالاڻي جي شرڪت

مانجهند( ن ع آ)مانجهند ۾ شاه اويس ڪئنال جي پڇڙي جي آباگارن زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف  انڊس هاء وي تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي وئي  ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ڌرڻي ۾ آباگارن ايس يو پي جسقم رواداري تحريڪ سميت مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آبادگارن محمد امين کوسو بابل لطيف کوسو غلام مهدي کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب  شاه اويس ڪئنال جي  پڇڙي جا آبادگار پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آھن هنن وياج تي  لکين روپين کڻي فصل پوکايو پر پاڻي نه هئڻ سبب  پوکيل فصل ڪڻڪ بصر مرچ  سڪي ختم ٿي ويا آهن جنهن سبب سندن معاشي قتل ٿي رهيو آھي  احتجاج ڪندڙ چتاء ڏنو  ت 20 نومبر تي اڻڄاتل مدي تائين روڊ بند ڪيو ويندو ڌرڻي ۾ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو ايس يو پي ضلع ڄامشورو صدر درياء خان لغاري جسقم جي گلشير کوسو سماجي شخصيتن علي نواز ڪنڀر حاڪم علي کوسو سميت وڏي تعداد ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي هوڏانهن ايريگيشن ايس ڊي او جنيد جوکيو سب انجنيئر خالد قريشي ڌرڻي واري هنڌ پهچي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ جي يقين دهاني ڪرائي روڊ کولرايو.

  • سانگهڙ جي آبادگارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي دعويٰ

سانگهڙ (پ ر) سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت ھن وقت آبادگارن کي سبزسڊي ذريعي پنھنجن زمينن مان بھتر ۽ معياري پيداوار حاصل ڪرڻ لاء ھاري ڪارڊ آبادگارن کي ڏيڻ لاء زراعت کاتو سانگھڙ ھن وقت ھاري ڪارڊ  فار۾ ڀرڻ لاء  سروي جو ڪم تيزي سان ڪري رھيو آھي ۽ انشاءالله جلد آبادگارن کي سنڌ حڪومت پاران ھاري ڪارڊ جاري ڪيو ويندو اھڙو اظھار ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت سانگھڙ معشوق علي لغاري پنھنجي آفيس ۾ ضلعي سمورن تعلقي آفيسرن ۽ فيلڊ عملي سان گڏجاڻي ڪرڻدوران کين بريفننگ ڏيندي چيو  ضلعي آفيسر معشوق علي لغاري وڌيڪ چيو ته ضلعي سانگھڙ جي سمورن تعلقن جي آفيسن ۾ اسان جا تعلقي آفيسر توڙي فيلڊ عملو آبادگارن جي رھنمائي لاء ھاري ڪارڊ جا فارم ڀرڻ لاء ڪم ڪري رھيو آھي ھڪ کان سورھن ايڪڙ تائين جي آبادگارن کي گھرجي ته ھو ستين فارم جو نقل , 2 اين آء سي ڪارڊ جون ڪاپيون ۽ تازي ٻن فوٽن سان گڏ اسان جي تعلقي آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جيئن سندن فارم ڀري کين ھاري ڪارڊ جي سھولت ڏني وڃي ڇو جو سنڌ حڪومت ننڍن آبادگارن کي ھاري ڪارڊ زريعي وڏو رليف ڏيئي رھي آھي ۽ ان رليف مان اسان جي آبادگارن کي فائدو وٺڻ لاء اسان جي سمورن تعلقي آفيسرن سان رھنمائي حاصل ڪرڻ لاء رابطو ڪرڻ گھرجي ڇو جو ايگريڪلچرل ڊپارٽمينٽ جو ڪم ئي آبادگارن جي بھتر رھنمائي ڪري رھيو آھي.

  • نوابشاهه ۾ ڀاڻ جا اگهه وڌي ويا، آبادگار پريشان

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) شھيد بينظير آباد جيڪو زرعي اعتبار کان ھڪ سرسبز شاداب ضلعو آھي پر گذريل ڪيتري عرصي کان صنعت ڪار مافيہ زراعت کاتي ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن جي مافيہ جي ڳٺ جوڙ ۽ ڪرپشن سبب ضلعي جا ننڍا ۽ غريب آبادگار سخت محنت آڌي جو لُنڊيون لتاڙي پنھنجو رت ۽ پگھر واھڻ کانپوءِ ڪاھيل فصل جو خرچ بہ مشڪل سان ڪڍي رھيا آھن، ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ سرڪاري اگھن تي ڏيارڻ بدران ڊيلر ٻيڻن ٽيڻن اگھن تي وڪرو ڪري رھيا آھن مليل ڄاڻ موجب ھن وقت يوريا ڀاڻ جي في ٻوري جو سرڪاري اگھ 5400 روپيا مقرر ٿيل آھي پر ڊيلر ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري 8700 کان 9 ھزار روپيا تائين وڪرو ڪن ٿا ساڳئي وقت يوريا ڀاڻ جي في ٻوري جو سرڪاري اگھ 1750 روپيا تائين آھي پر ڊيلر غريب ٻوجھ ۽ سادن آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان ڦريدي يوريا جي في ٻوري 2350 کان 2400 رويپن ۾ وڪرو ڪن ٿا ان کان علاوھ زرعي توسيع کاتي پاران ڪا بہ سختي نہ ڪرڻ سبب نوابشاھ جا ڪيترا امير خانگي ماڻھو پڻ سوين ڊي اي پي ۽ يوريا جون ٻوريون خريد ڪري ذاتي ڀانڊن ۽ گدامن ۾ زخيرو ڪري رھيا آھن غريب آبادگار جا ڀاڻ جا اگھ آسمان تائين پھچڻ سبب مٿن تي ھٿ اچي ويا آھن،آباد گارن شاھنواز مغيري، گل محمد رند ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو تہ ھو ڪامورن جي ڪرپشن جي جاچ پڻ ڪري ۽ پاڻ ذاتي طور يوريا ۽ ڊي اي پي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن جي دوڪانن ۽ اسٽورن تي ڇاپا ھڻي ۽ خاص طور تي خانگي ۽ غير قانوني طور زرعي ڀاڻ زخيرو ڪري ڳرن اگھن تي وڪرو ڪندڙ  با اثر ماڻھن خلاف پڻ قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

  • ٿر ۾ فصلن جا اگهه مقرر نه ٿيا، احتجاج جو اعلان

مٺي (بيورو) ٿر ۾ وسڪاري بعد فصل لهندي ئي فصلن جي گهٽ اگھن ۽ مارڪيٽ ۾ سرڪاري اگھ مقرر نه ٿيڻ خلاف ٿر جي سول سوسائيٽي پاران ڪيل احتجاج بعد ڊپٽي ڪمشني ڪمشنر نواز سوهو احتجاج ڪندڙن کي پنهنجي آفيس ۾ گُهرائي ڳالهين بعد ويجيلينس ۽ ويري فڪيشن ڪميٽيون جوڙڻ جو واعدو ڪري احتجاج ختم ڪرايو،ڊي سي پاران ڪيل واعدي کي هفتو مڪمل ٿيڻ رهيو آهي،پر اُنهن واعدن تي ٽڪي جو به ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو،جنهن بعد سول سوسائيٽي جي نوجوانن پاران ڊي سي تي احتجاج ناڪام ڪرائڻ ۽ دوکي جو الزام هڻي ٻيهر احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتي آهي،اُنهي سلسلي ۾ نوجوان اتحاد جي اڳواڻن ممتاز راهمون،سالم سميجو،ديال صحرائي ۽ ٻين ڄاڻايو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر پاران فصلن جي گهٽ اگهن بابت مٺي جي درٻار ھال ۾ واپارين سول سوسائٽي هارين ۽ صحافين سان گڏجاڻي ڪئي هئي،جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پاران فصلن بابت ويجيلينس ۽ ويريفڪيشن ڪمٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو،جنهن کي ڇھ ڏينهن گذرڻ باوجود ان ڏس ۾ ڊي سي پاران ڪا به پيش رفت سامهون نه آئي آهي اسان سمجهون ٿا ڊي سي اِها ٿر جي ماڻهن صحافين،سول سوسائٽي ۽ ساڃاوندن سان ڌوڪو ڪيو ويو آهي،ٿر واسين جي احتجاج ۽ رڙ کي ٻڌي تدارڪ ڪرڻ بجاءِ احتجاج کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي،هڪ پاسي ٿر جون سماجي حالتون ايتري قدر بگڙي ويون آهن جو ٿر جا مسڪين ماڻهون اجتماعي آپگهات ڪري رهيا آهن معاشي طور غير مستحڪم علائقي ۾ انتظامي بدحالي جو خوفناڪ جن عام ماڻهون جو رت پئي رهيو آهي،اسان ضلعي انتظاميا کي 24 ڪلاڪن جو وقت ڏيون ٿا،جيڪڏهن ڪا خاطرخواهه ۽ مطمئن ڪندڙ پيش رفت سامھون نه آئي ته ڊي سي آفيس آڏو بک هڙتال تي ويهنداسين،ان سان گڏوگڏ سموري سنڌ ۾ ضلعي انتظاميا خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو،ٻي پاسي سنڌ هاري ڪميٽي پاران جي اڳواڻن ڏامرومل ميگهواڙ،ديال ميگهواڙ،ڏامو مل ۽ ٻين ٿري فصلن جي گهٽ اگهن خلاف ڊي سي کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ فصلن جي گهٽ اگهن خلاف ٿر ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي..

  • سڪرنڊ جي راھب شاهه شاخ ۾پاڻي نه پهتو، ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان راھب شاهه شاخ جي پڇڙي چي آبادگارن حاجي ارباب جلباڻي، فيض ڪيريو، مور چانڊيو سائين بخش شيخ ۽ ٻين پاران ماڙي جلباڻي روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪندي چيو ته راھب شاھ شاخ جي پڇڙي تائين ڪافي وقت کان پاڻي نٿو اچي اسان اڃان تائين ڪڻڪ، سرنھن، گاهه جو فصل نه پوکي سگهيا آهيون. اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ ايريگيشن عملو جيڪو پئسن عيوض منڍ جي بااثر زميندارن کي ماڊول ٽوڙي پاڻي  وڪرو  ڪري پيو جڏهن ته شاخ  ۾ ھٿرادو ٻنڊا ڏئي شاخ بند ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري پڇڙي تائين پاڻي نٿو پھچي. ھنن چيو ته اسان ايريگيشن جي آفيسرن کي ڪافي دفعا چيو آهي ته پڇڙي تائين پاڻي نٿو پھچي جنهن ھوندي ايريگيشن عملو پاڻي وڪري ڪرڻ ۾ ملوث آهي   ھنن  مطالبو ڪندي چيو آهي ته پڇڙي تائين پاڻي نه پھتو ته اسان سخت احتجاج ڪنداسين ۽ هڪ هفتي بعد سڪرنڊ قومي شاهراهه تي راهب شاهه شاخ جا آبادگار ۽ ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي آس پاس جا ڳوٺاڻا احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪندا.

  • خانپور مهر ۾ ڀاڻ ۽ ڪڻڪ ٻج بليڪ تي وڪرو، آبادگار پريشان

خانپورمهر (رپورٽ : ميهرمهر) خانپورمھر ۾ ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي شروع ٿيندئي منافعي خور واپارين ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آهي منافعي خور واپارين ڊي اي پي ڀاڻ جا ٽرالر گهرائي گودامن ۾ اسٽاڪ ڪري ڇڏيا آهن ۽ مارڪيٽ ۾ دڪانن تي سرعام ڀاڻ ٻيڻي اگهن  تي وڪرو ڪيو پيو وڃي ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي کان اڳ ئي منافعي خور واپارين آبادگارن ۽ هارين کي لٽڻ ڦرڻ جو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، آبادگارن جي اهڙين شڪايتن تي ڊي  سي گهوٽڪي عثمان عبدالله ڪجهه ڏينهن اڳ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن سان گڏجاڻي ڪري کين ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري واري عمل خلاف ڪاروايون ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر ڊي سي جي اعلان باوجود بليڪ ۽ منافعي خور مافيا خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي سگهي آهي ان سلسلي جميعت علماء اسلام جي اڳواڻن حافظ نصرالله گبول، آبادگار اڳواڻن ملوڪ ملڪ، ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته خانپورمهر ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ نقلي ڀاڻ جي وڪري جون ٻه شڪايتون مليون آهن انتظاميه کي گهرجي ته فوري طور ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري ۽ نقلي ڀاڻ واري معاملي بابت جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.