موري ۾جهيڙو، فائرنگ، خوف ۾ پيرسن فوت

مورو ( رپورٽ: شاهنواز ڀٽي ) مورو ڀرسان سڌوجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ خدا بخش پروو ۾ پروا ۽ سوھو برادري ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو فائرنگ دوران خوف ۾ پيرسن نور محمد سوھو فوت ٿي ويو جنھن جو لاش وارث کڻائي تعلقي اسپتال مورو آندو ۽ اھڙو اطلاع ملڻ تي سڌوجا ٿاڻي جي پوليس مورو اسپتال پھچي وارثن کان معلومات وٺڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، ان موقعي تي فوت ٿيندڙ پيرسن نور محمد سوھو جي وارثن عبدالفتاح،  ڌڱاڻو خان، عطاءُ  الله سوھو ٻڌايو ته اسان جو پروا برادري سان گھر جي گھٽي تان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي اسان گھر ويٺا ھئاسين ته اوچتو پروو برادري جي ماڻھن ڪريم بخش، سائين بخش، غلام حسين، گلزار، رشيد، وسيم، حاجي خان، صدام، خدا بخش پروو وارن ھلان ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي خوف سبب اسان جو والد فوت ٿي ويو آھي، جنھن جو لاش اسان تعلقي اسپتال کڻائي آيا آھيون، جڏھن تہ ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيل پيرسن نور محمد سوھو جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد جزا وٺي ليبارٽي ڏانھن موڪليا ويا آھن ۽ اھڙي رپورٽ سڌوجا ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي، ياد رھي ته ٻه ڏينھن اڳ پروا ۽ سوھو برادري جو پراڻي تڪرار تان ميلي ۾ پڻ جھيڙو ٿي پيو ھو جنھن ۾ نوجوان سليم پروو گولين لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هو جنھن کي نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھو ۽ اھڙو جھيڙي جو ڪيس سڌوجا ٿاڻي تي عطاءِ الله سوھو، عبدالفتاح سوھو، ڌڱاڻو سوھو، عبدالستار مٿان داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.