شيرل جو ڪلام تحقيق جو گهرجائو آهي: مقرر

باڊهه (پ ر )  شاعرن اديبن مشهور عوامي شاعر شيرل بيوس باڊاھي کي زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شيرل بيوس جو ڪلام تحقيق جو گهرجائو آهي، وڃايل ڪلام کي سھيڙي عوام تائين پهچايو وڃي،بيوس  باڊاھي ءَ جو ڪلام امر راڳين جي آواز ۾ ھميشہ زندھ رھندو،  ماضي ۾ ھر محفل اڌوري ھوندي   ھئي جنهن ۾ شيرل بيوس جو ڪلام نه ڳايو ويندو ھو اھڙو اظهار ڪالهه باڊھ ۾ شيرل بيوس باڊاھي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو، صدارتي خطاب ڪندي عالم اديب محقق بدر ڌمراھو چيو ته شيرل بيوس شاعري ۾ محبوب کي پرچائڻ جا جتن ڪري رھيو آھي، ھن جي شاعري ۾ رومانويت، عشقيه داستان ۽ معاشري جو عڪس واضح آهي، شيرل جي شاعري ۾ وڇوڙي جا اھڙا ورلاپ آھن جيڪي ٻين شاعرن ۾ ناهن، ھن وڌيڪ چيو ته ڪشن چند بيوس، جعفر پنھور، قادن نوحاڻي، پيرل قنمبر، دادن فقير ۽ ورند واڻيي جي شاعري ۾ محبوب سان مخاطب ٿيڻ جو انداز ھڪ جھڙو آهي ليڪن خيال الڳ الڳ آهن،خاص مھمان اديب دانشور ننگر چنا چيو ته  شيرل بيوس لوڪ ۽ عوامي شاعر آھي، ھن جي ڪلام ۾ سادي ٻوليءَ جو استعمال آهي ان ڪري ھن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو ۽ اڄ به شيرل عوام جي دلين تي راڄ ڪري رھيو آھي، ھن عام ماڻهن ۽ ڳائڻن لاءِ لکيو، ھن جي شاعري کي اترادي لهجو وڌيڪ سھڻو ٿو بڻائي،ادبي سنگت جي مرڪزي ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته شيرل بيوس شاعري ۾ عوامي رنگ سمايل هو، ھن طرزن تي گهڻو لکيو،  ادبي ڪانفرنس ۾ اقرار پيرزادي، ڊاڪٽر عبدالغفار ڪانڌڙو،دودو ديشي، نور محمد بليدي،اقبال کوکر، ذوالفقار ڪانڌڙو خطاب ڪيو، جڏهن ته عاجز سرگاڻي، سارنگ امر، صاحب سومرو، غلام محمد ڀٽي شاعري پڙهي،پروگرام ۾ وفا صالح راڄپر، ڀيڄو فقير، جبار ميمڻ،غلام رسول چنو، صفدر سومرو، ڪامريڊ قادر بروهي،اصغر ساريو، عبدالغفار ساريو ،واجد ڪانڌڙو، نجم ڪوري، وحيد ڪانڌڙو، لياقت نوناري، امين سيال، مرتضي چانڊيو،الھاريو چانڊيو، انور شاھ، مقبول احمد ڪانڌڙو، عبدالستار ساريو،لالا عبدالغفار ساريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته ادبي ڪانفرنس ۾ راڳين سڄڻ سنڌي، عبدالخالق ڀٽي، بخش علي لنڊ، شبير گاڏھي شيرل جا ڪلام ڳايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.