سيوهڻ عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي ڦاهي

سيوھڻ(ن ع آ)ڏيڍ سال اڳ سيوھڻ ۾ ليڪچرار قتل ٿيڻ وارو ڪيس ۾ سيوھڻ جي عدالت قتل ڪيس جي 4 جوابدارن مان ھڪ جوابدار حبيب الله ماڇي کي ڦاھي ۽ ٻن ڄڻن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ۽ ھڪ جوابدار کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب مقتول ليڪچرار خادم حسين ميمڻ جو قتل ڪيس جيڪو 20 مھينن کان ايڊيشنل سيشن جج  سيوھڻ شمس الدين جوڻيجو جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو جنهن ڪيس بابت ڄاڻايل عدالت ڪالھ فيصلو ٻڌائيندي قتل ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت 4 جوابدارن مان مک جوابدار حبيب الله ماڇي کي ڦاسي جي سزا ۽ 2 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جڏهن ته ٻن جوابدارن راول کوسو کي عمر قيد ۽ 2 لک روپيا ڏنڊ ۽ جوابدار شاه زين مري کي 25 سال سزا ۽ ھڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي, جڏھن ته عدالت ھڪ جوابدار مظھر ماڇي کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رھي ته سيوھڻ جي مقتول ليڪچرار خادم حسين ميمڻ کي 6 فيبروري 2020 تي سندس ميڊيڪل اسٽور تي ڄاڻايل جوابدارن جھيڙو ڪري کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. ھوڏانھن عدالتي فيصلي تي مقتول ليڪچرار جي وارثن خوشيء جو اظهار ڪندي اھڙي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.