خيرپورويجهو شادي بعد عورت سڄو گهر ٻهاري وئي

خيرپور( ڊ ر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ سائين بخش شر جي رهواسي اڪرم ولد پيرل شر طرفان خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ تعلقه فيض گنج جي ڳوٺ عبيدالله شر جي رهواسي شر برادري جي عبدالعزيز، غفار، شاهد حسين ۽ مسمات عظمه ڌيءَ عزيزالله شر خلاف درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻائيو آهي ته مسمات عظمه شر سندس جي ڀاءُ اڪرام شر سان 3 آڪٽومبر تي شادي ڪئي ۽ هڪ هفتو گذرڻ بعد سندس مائٽ ملڻ آيا ۽ رات جو مسمات عظمه کين نشي آور چانهه پياري بيهوشي جي حالت ۾ ڇڏي سندن جي گهر ۾ رکيل روڪ رقم، سونا زيور کڻي مائٽن سان گڏجي غائب ٿي ويئي آهي. هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سندن خلاف ايف آءِ آر داخلا جو حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت سندس درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي مڙني جوابدارن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.