سيوهڻ ۾ڳوٺاڻن جو نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي ڳوٺ لوڪل بورڊ جي رھواسي بڙدي برادري جي ماڻهن وزير بڙدي, مختيار بڙدي ۽ ولي محمد بڙدي جي اڳواڻي ۾ سيوھڻ پريس ڪلب پھچي سيوھڻ پوليس  پاران ھمراھ کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ ڏاڍائين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين آڏو دانهيندي متاثرين الزام ھنيو ته ايس ايڇ او سيوھڻ مظھر نائيچ اسان جي مخالف ڌر کان ڳري رشوت وٺي 5 ڏينهن اڳ اسان جي ھمراھ شھمير بڙدي کي کنڀي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي ۽ سيوھڻ پوليس بااثر ڌر جي ونگار وهندي اسان جي مٿان ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي نظير بڙدي کي گرفتار ڪرايو آهي ۽ پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. متاثرين ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان  مطالبو ڪيو ته گم ڪيل شخص شھمير بڙدي کي بازياب ڪرائي مٿن ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ ايس ايڇ او سيوھڻ کي فوري طور ھٽائي بااثر ڌر مٿان ايف آء آر درج ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو انصاف لاء در کڙڪايو ويندو ۽ احتجاجن انڊس ھاء وي بلاڪ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.