خانپور مهر لڳ زمين تي قبضو، قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهر لڳ ڳوٺ شير مهر جي رھواسين سعدالله مهر ،شفيع محمد مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب خانپورمهر پهچي زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر جوابدارن بشير مهر، وحيد، هدايت ،حاجن ،عيدن مهر ،احسان ،ڪامران ،مولا بخش ۽ ٻين خلاف احتجاج ڪيو مظاھرين سعدالله مهر ۽ ٻين چيو ته بااثر جوابدارن هٿيارن جي زور تي اسان جي کاتي واري زمين تي قبضو ڪري اتي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن ۽ اسان کي قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان ڊي ايس پي گهوٽڪي کي اهڙي درخواست پڻ ڏني آهي پر پوليس قبضو ڪندڙ هٿياربندن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ڪري مظاھرين ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي اسان جي زمين تي هٿياربندن جو قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.