ٿر جي ڀٽن جو غريب ڇوڪرو اڻٿڪ محنت ڪري استاد ٿي ويو

مٺي (بيورو رپورٽ) ٿر جي ڀٽن ۾ جنم وٺندڙ نوجوان وقار راهمون پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد ۽ مسلسل محنت سان پي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪري استاد ٿي ويو آهي، جنهن جي جدوجهد جي ڪهاڻي ڏاڍي اتساهيندڙ آهي. ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ  ڳالهائو ۾ 1991ع ۾ جنم وٺندڙ وقار راهمون پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ  جي اسڪول، اٺين تائين ڳورواري جي اسڪول ۽ مئٽرڪ مٺي ڊاڀڙي جي هاءِ اسڪول مان 2007 ۾ ڪئي. جنهن بعد هو گهر وارن جي زور ڀرڻ تي 16-17 ورهين جي عمر ۾ ڪراچي آيو، جتي هن پهرين ٿانون جي هڪڙي دڪان تي ڪم ڪيو، جتي هو ٻهاري سان گڏ پوچو به ڏيندو هو. پوءِ هن بيري طور ڪم به ڪيو. ڪڍڻ ڀرسان ڳوٺ علي مراد چانڊئي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي خوبصورت شاعر، نثر نگار، ايڊيٽر ۽ گهڻ طرفي شخصيت علي حسن چانڊيو کيس مائٽاڻن واسطن سبب پنهنجي گهر ۾ رهايو، جتي هن بعد ۾ کيس 2009ع ۾ ڪاليج ۾ به داخلا به وٺي ڏني ۽ گڏوگڏ مقدمو اخبار ۾ پروف ريڊري به ڏياري. اتان وقار جي صحافتي زندگي جو سفر شروع ٿيو. هن 2012ع ۾ انٽر ڪيو. 2016 ۾ هن ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ ٻولي جي سبجيڪٽ ۾ اعزازي نمبرن ۾ ڊگري حاصل ڪئي. وقار راهمون شاعري به ڪئي، سندس نثر به ٻولي جي خوبين سان ڀرپور آهي، هن 4 ڪتاب ترجمو ڪيا، جن ۾ 2 سنڌيڪا پاران ڇپرايل آهن. وقار ٿر توڙي سنڌ جي ٻين ضلعن جي مسئلن ۽ موضوعن تي لکڻ سان گڏ شاهه لطيف تي تحقيقي مقالا ۽ فلسفي جهڙي ڳوڙهي موضوع تي عوامي آواز ۾ سلسليوار مضمون لکيو. هو 12 سال لڳاتار محنت ڪندو رهيو، ان دوران هو 3 يا ساڍن ٽن مهينن بعد مهمان جيان ڳوٺ ويندو هو نه ته هن سڄو عرصو ڪراچي ۾ اڪيلو گذاريو. هن ڪراچي وڏين سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي پنهنجي شاندار صلاحيتن تي پاڻ مڃايو ۽ اڄ ڪلهه عوامي آواز جهڙي شاندار اداري ۾ اسٽنٽ نيوز انچارج طور ڪم ڪري رهيو آهي. وقار جي ڪاميابي سبب سندس گهر وارن ۽ ٻين سڄڻن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل آهي. وقار جي ڪهاڻي اهو اتساهه ڏئي ٿي ته محنت ڪري مقام ۽ منزل ماڻي سگهجي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.