اڏيري لال ۾ زيادتي ڪيس جو جوابدار گرفتار

اڏيرولال (ن ع آ) اڏيرولال لڳ ڳوٺ درياهه خان ڏاهري جو رهواسي شوڪت چانڊيو تي سندس سڳي پڦي پاران لڳايل لڄالٽ واري الزام هيٺ گرفتار، ڪيس داخل، ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان شوڪت چانڊيو چيو ته شبيران منهنجي سڳي پڦي آهي، پڦي ماءُ برابر هوندي آهي، پڦي پلاٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مون تي اهڙو ڪريل ڪوڙو الزام هنيو، جنهن کان پوءِ مون تي ڪيس داخل ڪيو ويو. هن چيو ته آئون بي گناهه آهيان، اسان جو فيصلو به ٿي ويو آهي، منهنجا مائٽ منهنجي پڦي وارن وٽ قرآن ميڙ کڻي ويا آهن ۽ پلاٽ به ڏيندس، پر مون پنهنجي پڦي سان اهڙو ڪو غلط ڪم نه ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.