نينگري آزاد ڪرايو، حيدرآباد ۾ميرپورخاص واسين جو احتجاج، ڌرڻو

حيدرآباد (رپورٽر) ميرپورخاص تعلقي جي ڳوٺ محمد حسن مري جي رهواسي خاصخيلي برادري جي ماڻهن پاران سندن 9 ورهين جي نياڻي فوزيه ڌي نظر محمد خاصخيلي جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي محمد حسين خاصخيلي، محمد شريف، عاشق علي، وحيد علي خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته عيدالضحيٰ جي ڏهاڙي تي سندن 9 ورهين جي نياڻي فوزيه خاصخيلي گهر کان قرباني جو گوشت وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتي، جتان هو پراسرار نموني گم ٿي وئي، جنهن بابت حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ باوجود پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته گذريل 4 مهينن کان معصوم نينگري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، هنن چيو ته کين شڪ آهي ته نينگري کي اغوا ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته نينگري جي گمشدگي سبب سندن گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ميرپور خاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته معصوم نينگري جي پراسرار گمشدگي جو نوٽيس وٺي کيس بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.