نوشهري لڳ مبينا مقابلو، ڊي ايس پي ۽ اهلڪار تي ڪيس داخل

نوشهروفيروز  ( ڊ ر ) ابڙان ٿاڻي جي حد ۾  ڳوٺ مٺو مري ڀرسان  مبينه پوليس مقابلي ۾ سولنگي برادري جي ٻن  نوجوان اطھر سولنگي ۽ محب سولنگي کي جڙتو مقابلي ۾  مارڻ تي  عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي حميد پنھور خلاف ڪيس داخل ڪيس ۾ ڊي ايس پي سميت 5 اھلڪار نامزد ڪيا ويا آھن  اھلڪارن ۾ عبدالله ابڙو، اڪبر جتوئي، ولي محمد ۽ محمد خان ڪورائي شامل مقتول محب جي والد حاڪم جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ڊي ايس پي ڪاڄ ۾ کير کڻي ويندڙ نوجوانن کي بيگناھ قتل ڪيو،  نوجوانن کي ڊي ايس پي روڪي سڃاڻپ بعد ڳوليون ھنيون اطھر ۽ محب سولنگي کي ويجھي کان گوليون ھڻي ماريو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.