اوٻاوڙو لڳ گهر تي ڪاهه، گهر ڀاتي يرغمال، لکين رپين جي ڦر

اوٻاوڙو  ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌيوئي چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل وچ شهر جي سچل سرمست ڪالوني ۾ امير بخش پنھور جي گهر تي نامعلوم ھٿياربندن جي چڙھائي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي 9 تولو سونو هڪ لک روپيه وروڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع باوجود اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي ان موقعي تي متاثر گھر ڌڻي اميربخش پنھور ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڪلب شاھ جي اچڻ کان پوءِ  ڏوھن ۾ اضافو ٿيو آھي ڪوبه شھري پنھنجن گھرن ۾ به محفوظ نه آھي، جڏھن ته منھنجي گھر ۾ نامعلوم ھٿياربندن چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي داخل سڀني ڀاتين کي يرغمال بڻائي ھٿيارن جي زور تي گھر ۾ ڦرلٽ ڪندي 9 تولا سون ۽ ھڪ لک روڪ رقم ڦري آساني سان فرار ٿي ويا مگر پوليس ھٿيار بندن خلاف  ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آھي،  ايس ايس پي گھوٽڪي  جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن کي سخت سزا ڏئي منھنجي گھر مان ڦر ٿيل سونا زيور ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي گھر ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.