تنگواڻي لڳ جهيڙو، فائرنگ، 5 ڄڻا زخمي

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد جعفري ۾ جعفري برادري جي ٻن ڌرين ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو فائرنگ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا 5ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ شادوست جعفري، غلام ياسين، دلمراد جعفري، ۽ ٻيا شامل آھن زخمين کي ڪرمپور اسپتال منتقل ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو نه ئي گرفتاري عمل آئي.

 لعلو رائنڪ ۾ باهه لڳڻ سبب نينگري سڙي فوت

لعلورائنڪ (ن ع آ)  لعلورائنڪ شهر جي المدينہ ڪالوني ۾ پورهيت سجاد حسين راجپوت جي معصوم 5ورهين جي نياڻي زينب خاتون گهر ٻاهران راند دوران ماچيس جي ٻرندڙ تيلي سان سندس ڪپڙن کي باھ لڳي وئي. ٻارڙي جي رڙين تي وارثن اچي ڪپڙن کي لڳل باھ وسائي ڪپڙا لاهي ورتا. پر تيستائين ٻارڙي باھ سبب شديد زخمي ٿي پئي. جنهن کي نازڪ حالت ۾ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو. جتي معصوم نياڻي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. معصوم ٻارڙي جو مڙھ لعلورائنڪ گهر پهچڻ تي سوڳ واري صورتحال ٿي وئي ۽ سندس والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا اهڙي سوڳوار ماحول سبب موجود ماڻهن جون اکيون آليون ٿي ويون.

  •  پيرو لاشاري ۾سبزي،فروٽ جي دڪانن تي ڇاپو، ڏنڊ

پيرولاشاري(ن ع آ) اي سي تلھار وجاھت غفور ميراڻي جا پيرولاشاري شھر ۾ سبزي .فروٽ. ڪريان ۽ مرغي وڪرو ڪندڙ دڪانن تي ڇاپا روز مرھ جي شين جون دڪانن تي لسٽون چيڪ ڪري ۽ دڪانن ۾ پيل  ايڪسپائير سامان  کي دڪاندارن ھٿان سامان ٻاھر روڊ تي رکي باھ ڏياري  ڇڏي، دڪانن تي غيرمياري سامان ھئڻ سبب دڪاندارن کي سخت ھدايتون ڏنيون،  ان موقعي تي اي سي تلھار وڌيڪ ريٽ وٺندڙ دڪاندارن ۽ سبزي. فروٽ وڪرو ڪندڙن تي ڏنڊ پڻ ھنيو، اي سي تلھار جو چوڻ ھوته آئيده  ڪنھن به دڪاندار ماڻھن کان وڌيڪ ريٽ ورتو يا غيرمياري سامان وڪرو ڪيو ته ان کي بخش نه ڪبو، ٻئي طرف دڪاندارن سبزي وڪروڪندڙ. ۽ مرغي فروٽ سميت روز مرھ جي شين  وڪروڪندڙن  واپارين جو چوڻ ھوته اسان کي مٿان کان سامان وڌيڪ ريٽ ۾ ملي ٿو عمران خان پوري پاڪستان ۾ مھانگائي ڪري ڇڏي آھي اسين ڇا ڪريون،  ان موقعي تي آبادگارن پڻ اي سي تلھار اڳيان داھيندي چيو ته ڀاڻ ڊي اي پي 9 ھزار روپيا ٻوري ۽ يوريا 23 سئو کان مٿي وڪرو ٿي رھي آھي آبادگار پريشان آھن اي سي آبا دگارن کي چيو ته آئو ڀاڻ ۽ دوائن جي دڪانن جي به جاچ ڪندس جيڪو دڪاندار ڀاڻ ۽ دوائن جو وڌيڪ ريٽ وٺي ٿو ان دڪاندار خلاف قانو ني قاروائي ٿيندي.

  • ٺٽو لڳ پورهيت جي گهر کي باهه، رکيل سامان سڙي خاڪ

ٺٽو(ڊر) درگاھ ستيون لڳ ڪي ڊي اي واھ ڀرسان ڳوٺ جمعون ۾ ملاح ۾ اوچتو باھ لڳڻ ڪري حاجي ملاح جو گھر ۽ گھر ۾ رکيل سموري سامان سميت گھر ڀرسان رکيل 2 ٽرڪون پرار جون سڙي رک ٿي ويون، باھ متاثر ھن وقت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھي، جنھن وس وارن کي سھائتا جي اپيل ڪئي آھي.

  • ڳڙهي حسن پوليس ٻن همراهه کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

ڳڙهي حسن ( ن ع آ) ڳڙهي حسن ڀرسان آر ڊي 52 پوليس مبيناطور مقابلو ڄاڻائي هاف فرائي ڪري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل مختلف ڪيسن ۾ گهربل نوجوان غلام سرور بروهي  جو سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي  ۽ سندس سوئٽ ٻڌو بروهي کي علاج بعد ڳڙهي حسن ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو ذريعن موجب ته ٻنهي نوجوانن کي آر ڊي 52 پوليس ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪري ڳجهي ھنڌ قيد ڪيو هو ۽ مقامي وڏيري کان ڳري رشوت وٺي سندس ڇڙتو مقابلو ڄاڻائي پوليس  وڏيري جي ونگار وهندي ڪمداري ڪئي آهي ٻئي پاسي اعلائقي ۾ چوٻول آهن ته غلام سرور بروهي ۽ سندس لکمير بروهي جو زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان غلام سرور بروهي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل آهن جنهن تان غلام سرور بروهي کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي  ايس ايڇ او منظور بروهي پوليس اهلڪارن انيس بنگلاڻي ۽ محئد بخش سومرو کان  گوليون هڻائي حاف فرائي ڪري ناجائزي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.