گئس جي کوٽ وارو مسئلو

تحرير؛غلام حسين جوڻو

هاڻ ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ ۾ گئس جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي ۽ ان جي کپت ۾ به واڌارو اچي رهيو آهي. گئس جي اڳ ۾ کوٽ آهي. جنهن ڪري ڪيترن ڏينهن تائين سي اين جي اسٽيشنون بند رهن ٿيون. اها کوٽ ۽ قلت عوام جي پريشاني جو باعث رهي ٿي. خاص ڪري گاڏين جا مالڪ جن جون گاڏيون گئس تي هلن ٿيون سي پڻ تڪليف ۾ اچيو وڃن. ان کان علاوه گئس جا اگهه به ڳاٽي ٽوڙ مقرر ڪيا ويا آهن. انهن اگهن جي خلاف عوام ڪيترائي دفعا احتجاج پڻ ڪيا آهن. پر، ملڪ ۾ ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي. تدارڪ ڪرڻ وارو سمجهي ئي ڪونه ٿو.تنهن هوندي به اڳواٽ ئي انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ، هن سردي جي موسم ۾ گئس ۾ اضافو ٿيندو. جنهن ڪري ملڪ جون ڪيتريون ئي سي اين جي اسٽيشنون ۽ صنعتي ڪارخانا بند ٿي وڃڻ جي امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگهجي. کاڌي تيار ڪرڻ مهل گئس  ڏني ويندي ۽ ان وقت گئس جي فراهمي کي يقيني بنايو ويندو. باقي ٻين وقتن تي دستياب ڪونه ٿي سگهندي.

ظاهر آهي ته ، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته عام ماڻهو جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ اهي وڌيڪ مصيبت ۾ ڦاسندا ويندا. حڪومت ان بحران کي ختم ڪرڻ جي اڳواٽ ڪا به منصوبابندي ڪونه ڪئي آهي ۽ نه وري ان طرف ڪو ڌيان به ڏنو ويو آهي. هيءَ هڪ عوامي بنيادي مسئلو آهي. جيڪو حڪومت کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجي. پر، حڪومت مان اها اميد رکڻ ڄڻ ته “ٻٻرن کان ٻير” گهرڻ وانگر آهي. هونئن به سياري ۾ ، گئس جو استعمال وڌيو وڃي. ٻين موسمن جي ڀيٽ ۾ ، سردين ۾ گئس تمام گهڻي استعمال ٿئي ٿي. ان صورت ۾ عوام کي وڏي تڪليف پيش ايندي. عوام اڳ ۾ ئي چوڌاري مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. ويتر هيءَ هڪ ٻي تڪليف پيدا ٿي پئي. عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڪونه ٿو ڏنو وڃي. انهن جو جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي. ضرورت ۾ ڪا به شيءِ نه ملڻ ، اها وڏي پريشاني پيدا ڪري ٿي. هن وقت ٻارڻ جو ڪاٺ به ڪونه ٿو ملي. جيڪو خريد ڪري سردين ۾ باهه ٻاري سگهجي. جيڪڏهن ڪاٺ خريد به ڪيو وڃي ته اهو انتهائي مهانگي اگهه ۾ خريد ڪرڻ عوام جي وس کان تمام گهڻو مٿي آهي. غريب عوام اهو خريد ڪري نه ٿو سگهي. جڏهن ته سنڌ ۾ وڻ وڍجي ويا آهن. ٻيلن جو نالو و نشان نظر ڪونه ٿو اچي. گئس جي نه هئڻ سان ، جيڪي رهيل ٻيلا آهن سي به وڍجي سگهن ٿا ۽ قبضا گير ٽولو اڳ ۾ موقعي جي تلاش ۾ آهي ته جيئن وڻ وڍجن ته ، هو انهن ٻيلن جي زمينن تي قبضو ڪري وٺن. اها به هڪ تباهي جي نشاني آهي. هڪ دفعو ٻيلن جي ايراضيءَ تي قبضو ٿي ويو ته ، اهو حڪومت ٻيهر خالي ڪونه ڪرائي سگهندي. ان جو مثال اکين آڏو آهي ته ، هيل تائين جيڪي به قبضا ڪيا ويا آهن اهي خالي ڪونه ٿي سگهيا آهن ۽ نه وري اتي وڻ پوکڻ ئي ڏنا وڃن ٿا.

بهرحال گئس جي لوڊشيڊنگ جي ڪري، وڻن وڍجڻ جو خطرو آهي. ان خطري کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ٻيلن جي زمينن تي قبضي ڪرڻ سان وڏو قومي نقصان ٿئي ٿو. جنهن جو ازالو ڪرڻ ته ڏکيو آهي.

هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ، گئس جي قلت ڇو پيدا ٿئي پئي؟. ان سوال جو جواب حڪمران ڏيئي سگهن ٿا. اصل ۾ حڪومت جي غلط ۽ ناڪاره پاليسين ۽ منصوبابندين جي ڪري ايئن ٿي رهيو آهي. جنهن به شيءِ جي کوٽ لاءِ مستقبل جي انديشن ۽ خطرن کي ذهن ۾ ڪونه ٿو رکيو وڃي. اڳواٽ ڪونه ٿو سوچيو وڃي. ڪنهن به شيءِ جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته عوام ڀوڳي ٿو باقي حڪمرانن کي ڪا به پرواهه ڪونه آهي. پوءِ اقتدار ڌڻين جي هروبرو واويلا ڪرڻ غلط آهي ۽ عوام کي بيوقوف بنائڻ کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونه آهي. اڳواٽ منصوبا بندي ڪرڻ سان ڪنهن به شيءِ جي کوٽ پيدا ڪونه ٿي ٿئي.

هاڻي جڏهن گئس جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي ته ، سمجهه ۾ ايئن ٿو اچي ته ، ان لاءِٰ ڪا به اڳ ۾ ، رٿا بندي ڪونه ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري مونجهارا ۽ تڪليفون پيدا ٿي رهيون آهن. سڌريل ۽ ترقي يافته قومون هميشه هر ڪم جي اڳواٽ منصوبا بندي ڪري ڪم ڪرڻ شروع ڪنديون آهن. جنهن ڪري انهن ملڪن ۾ ڪنهن به شيءِ جي قلت پيدا ڪونه ٿي ٿئي ۽ اهي ترقي جي راهن تي هلندڙ آهن. پر، هتي اسان وٽ قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. حڪمران اوڏي مهل اک پٽين ٿا. جڏهن کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ مسئلو ڪر کنيو بيهي رهي ٿو. تڏهن کين سجاڳي ٿيو پوي ۽ مٿو ماري ڪرڻ شروع ڪندا آهن. پوءِ، رڳو بيان بازي ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. عملي ڪم جو نالو ئي ڪونه هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان ترقي ڪرڻ جي راهن کان پري ٿيندا پيا وڃون ۽ مشڪلاتن ۾ ڦاسندا رهون ٿا. ان حالت ۾ ، ترقي ڪرڻ ناممڪن آهي. دنيا جي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن سان گڏجي دوش بدوش ٿي اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. گئس جي قلت جو سبب اهو آهي ته حڪمرانن اڳ ۾ ڪا به منصوبا بندي ڪونه ڪئي آهي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.