پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس…جڏهن رانديگر ميدان ۾ کٽڻ لاءِ لٿو!

تحرير؛حاڪم نصيراڻي

گذريل هفتي کان ملڪ جو گادي وارو شھر اسلام آباد حيران ۽ پريشان ڪندڙ خبرن جو مرڪز رهيو آھي۔ هڪ طرف وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته ٻئي پاسي برطانيه جي نوٽري پبلڪ جي صحيح سان منظرعام تي آيل اڳوڻي جج صاحب جي بيان حلفي هڪ نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو۔ اهو هڪ ٻيو موضوع آھي ان تي بعد ۾ ڳالھه ڪبي اڄ فقط پارليامنٽ ۾ ٿيندڙ قانون سازي تي لکنداسين.

اوهان کي ياد هوندو 11 نومبر تي رٿيل پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس اوچتو ملتوي ڪيو ويو۔ حڪومت طرفان اهو چيو ويو ته پيش ٿيندڙ بلن تي مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪيون وينديون انهن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي۔ وزير اطلاعات ايتري تائين به چيو هو ته مخالف ڌر چونڊ عمل جي بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون کڻي اچي اسين انهن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آھيون پر اوچتو اسپيڪر صاحب وٺ سٺ لائي ڏني ۽ مخالف ڌر سان  ڳالهين ڪرڻ کانسواءِ پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو۔ گذريل اجلاس ملتوي ڪرڻ جي حقيقت مان اڳ اوهان آڏو پيش ڪري چڪو آھيان۔ حڪومت سان پنهنجا نفيس ۽ پنجاب جا اڳوڻا چور ڌاڙيل ڪاوڙيل هئا ان ڪري امڪاني شڪست کي ڏسندي حڪومت اهو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو هو۔

سياسي بساط تي وڇايل راند جي مهرن جي چال کي سمجهڻ تمام ڏکيو آھي جنهن به  رانديگر مناسب وقت ۽ حالتن کي ڏسي چال هلي اهو ڪڏهن به ناڪام ناهي ٿيندو پر ڪجھه حالتون اهڙي قسم جون جوڙيون وينديون آھن جو مخالف رانديگر کي ذھني طور تي ايترو ته مجبور ڪيو ويندو آھي جو کيس جذبات ۾ غلط چال هلڻي پئي ٿي۔ اهڙي صورتحال ۾ هڪ سٺو رانديگر جوش کان وڌيڪ هوش کان ڪم وٺندو آھي۔

اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جا اهم اڳواڻ پارليامنٽ ھائوس پهچي ويا هر ڪنهن پنهنجي ڪاميابي جي هام پئي هنئي۔ صحافي به ٻرندي تي تيل وجهڻ جو ڪم ڪندي دل جون ڳالهيون زبان تي آڻڻ لاءِ عجيب ۽ دلچسپ سوال پڇي وٺندا آھن وزيراعظم ۽ شھباز شريف کان جيڪي سوال پڇيا ويا اهي ته ميڊيا جي زينت بڻيا پر هڪ اهم سوال پي ٽي آءِ خاص طور عمران خان هانيه ۽ طوبا کان ناراض عامر لياقت کان ڪنهن هڪ صحافي سوال پڇيو ته اوهان به اڄ اچي ويئو ته هن مڪرندي معني خيز انداز سان جواب ڏنو ته وڏي اعزاز سان آندو ويو ته هڪ ٻئي صحافيءَ موقعو ڏسي سوال پڇيو ته ايڏي اعزاز سان اوهان کي ڪنهن آندو ؟ تنهن تي جواب ڏيندي چيو ته جيڪي هميشه هر ڪنهن کي آڻيندا آھن۔ گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان به چيو ته حڪومت جي حمايت لاءِ کيس فون ڪيا ويا۔ اجلاس کان اڳ حڪومت توڙي مخالف ڌر پنهنجي عددي سرسي    جي دعوي ڪنديون رهيون حڪومت چئي پئي ته قانونسازي لاءِ ميمبرن جو گهربل انگ موجود آھي جڏهن ته مخالف ڌر به ان خوشفهمي ۾ ھئي سرڪاري ڌر جا ڪجھه ميمبر فني طور انهن جو ساٿ ڏيندا۔ هن وقت قومي اسيمبلي ۽ سينٽ جي ميمبرن جو مجموعي تعداد 440 آھي جنهن مان حڪومتي بينچن تي 221 ۽ مخالف ڌر وٽ ميمبرن جو تعداد 219 آھي جنهن مان دولاور خان جا گروپ جا 6 سينيٽر به شامل آھن.

جيئن اجلاس شروع ٿيو ته قانون سازي تي ڳڻپ ٿيڻ کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف ڳالهائڻ جي اجازت گهري ته کيس موقعو ڏنو ويو۔ شھباز شريف حڪومت تي تنقيد جا خوب تير وسايا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ”شيطاني مشين“ به ڪوٺي ڇڏيو۔ اي وي ايم کي ووٽ چوري جو ذريعو به ڪوٺيو۔ بقول شھباز شريف ته حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آھي انڪري عوام بدران مشين وسيلي ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آھي۔ بلاول ڀٽو جي خطاب کان اڳ اسپيڪر ۽ پ پ پ جي مندوخيل صاحب وچ ۾ ٺاهوڪو جهڙو ٿيندي ٿيندي ٽري ويو.

بهرحال پهرين بل تي جڏهن ڳڻپ جو سلسلو شروع ٿيو ته حڪومت کي 221 ۽ مخالف ڌر کي 203 ووٽ مليا جڏهن ته مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺل ماڻھن جو تعداد 219 آھي جن مان ڇھه ڄڻا دلاور خان گروپ جا نويد قمر يوسف ٽالپر بيماري سبب نه اچي سگهيا. اسحاق ڊار ملڪ کان ٻاهر هجڻ ۽ هڪ آزاد ميمبر بلوچستان مان اچي نه سگهيو تنهن هوندي به مخالف ڌر کي خبر ناهي ڪهڙي خوشفهمي هئي جو حڪومت جو رستو روڪي سگهي ها۔ هڪ موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري اسپيڪر کي منجهائي ڇڏيو هو ته آئين مطابق حڪومت کي گڏيل اجلاس ۾ به ٽوٽل ميمبرن جو اڌ هجڻ ضروري آھي ان ڪري ٻنهي ايوانن جا گڏيل طور   440 ميمبرن آھن انڪري حڪومت 222 ميمبر گڏ ڪري قانون سازي ڪري سگهي ٿي تنهن تي فروغ نسيم  آئين جو ڪتاب کڻي پ پ پ  چيئرمين کي چپ ڪرائي ڇڏيو هڪ موقعي تي بابر اعواڻ تي به اعتراض اٿيو اهو معاملو به رولنگ تي ختم ٿي ويو.

حڪومت ها نه هل هنگامي نعري بازي کان بي نياز ٿي پنهنجا سڀ بل پاس ڪرائي وئي۔ خاص ڳالھه ته جيڪو اهم اليڪشن جي باري ۾ اهم بل هو جنهن جي اٺن شقن تي اليڪشن ڪميشن اعتراض واريو هو اهو بل حڪومت پيش نه ڪيو۔ گڏيل مخالف ڌر پاران ڪورٽ وڃڻ جي ڳالھه ڪئي وئي آھي پر منهنجي نظر ۾ حڪومت سينٽ اليڪشن ۾ کاڌل ڌڪ جو واهه جو بدلو ورتو۔ اهم ترميمي بل پيش نه ڪري قانوني طور تي به حڪومت مخالف ڌر سان داءُ ڪري وئي۔ حڪومت ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ستر اسي لک پاڪستانين جي همدردي جو ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ڏسجي ته اهي ووٽ تحريڪ انصاف کي ملن ٿا يا مٽي مائٽي وسيلي وري به روايتي انداز سان اهي ووٽ به چئو چواءُ جي ور چڙھندا يا ضمير جي فيصلي تي ڏنا ويندا۔

ظاهري طور حڪومت کي وقتي طور هڪ ڪاميابي ته ملي وئي آھي پر هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اي وي ايم تي لڳ ڀڳ ڏيڍ سو ارب ڊالر جو خرچ آھي ۽ ان کان سواءِ عملي جي تربيت تي به ڪروڙين روپيا خرچ ٿيندا۔ ايترن پيسن جو انتظام ڪٿان ٿيندو؟ جڏهن ته ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو اڳ ئي غرق ٿيل آھي۔ ان کان سواءِ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آدمشماري جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪاري آھي۔  سياست آھي ڪجھه ڏينهن لاءِ وري اسان جهڙا ماڻھو بنيادي مسئلن جهڙوڪ مهانگائي بدامني بيروزگاري کان ڌيان هٽائي ان قانوسازي تي ٽيڪاٽپڻي ڪري پنهنجو وقت گذاري وينداسين۔ عمران خان واقعي سچ چيو هو ته رانديگر هميشه ميدان ۾ کٽڻ لاءِ لهندو آھي سو هيل تائين عمران خان مخالف ڌر کي آئوٽ ئي ڪندو رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.