راڻيپور ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت

راڻي پور(ن ع آ) راڻي پور جي ڳوٺ علي آباد ۾ نلڪن جي بورن جو ڪم ڪندڙ مستريءَ کي بجليءَ جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 ساله مستري فياض حسين سولنگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.جڏهن ته سندس ٻيو ڀاءُ 28 ساله اياز حسين سولنگي شديد زخمي ٿي پيو.اتي موجود ماڻهن ۽ پاڙي وارن پنهنجي مدد پاڻ زخمي ۽ فوتيءَ جو مڙھ راڻي پور اسپتال آندو ويو.جتي زخميءَ جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هجڻ ڪري ان کي فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.فوتي مستري فياض سولنگيءَ جي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.جيڪي فوتي نوجوان جو مڙھ کڻائي آبائي گھر ميربحر محلا آندو ويو.جنهن بعد سندس گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.