گهوٽڪي واسي پورهيت ايس ايس پي وٽ پيش، ايس ايڇ او حوالي

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ٻه ڏينهن پهريان پوليس هٿان کنڀيل گهوٽڪي جي رهواسي امير بخش شيخ،  خليفو نور احمد مهر،  فقير محمد حسين مھر معرفت ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل وٽ پيش جنهن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي پورهيت کي ايس ايڇ او گهوٽڪي حوالي ڪيو ، ان موقعي تي پورهيت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءُ غريب پورهيت آھيان مزدوري ڪري پنهنجي گھر جو گذر سفر ڪيان ٿو پر گھوٽڪي ايس ايڇ او صدورو لاشاري بنا جواز مون کي تنگ ڪري ٿو هن وڌيڪ چيو ته مون کي ايس ايس پي گهوٽڪي ۽  ايس ايڇ او گھوٽڪي صدورو لاشاري مان جان جو خطرو آهي، جان جو دشمن بڻجي ويو آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر منهنجي زندگي بچائي   تحفظ  فراهم ڪن،  هوڏنهن پورهيت جي وارثن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او گهوٽڪي اسان جي پورهيت مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جنهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف ايس ايڇ او گهوٽڪي صدورو لاشاري ٻڌايو ته گرفتار جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.