سکر ۾ موٽر سائيڪل چوري روز جو معمول، پوليس خاموش

سکر(رپورٽر) سکر شهر ۾ موٽر سائيڪل چوري روز جو معمول بڻجي وئي، هڪ ڏينهن دوران ٻن شهرين جون موٽر سائيڪل چوري، خبرموجب سکرپوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ ڏوهي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جڏهن ته آباد ٿاڻي جي حد ايئرپورٽ روڊ الخير اسپتال ٻاهران بيٺل دانش مهر جي نئين سي ڊي 70 موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري ويا آهن. جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شبير پلازا واري علائقي ۾ نامعلوم چورن بابر حسين راجپوت جي نئين سي ڊي 70 موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.