ڏوڪري پوليس جي ڪارروائي، 3 چور گرفتار

ڏوڪري ( ن ع آ ) موجب ڏوڪري شهر مان ڪجھ ڏينھن اڳ گرلز اسڪول ڀرسان سجاد علي گاڏهي جي دوڪان مان 11 هزارن جا هار چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا. ايس ايڇ او ڏوڪري سڪندر علي لاکير، اي ايس آءِ رستم علي جروار، وڏو منشي بشير احمد کوکر سپاه سميت خورن خلاف ڪاروائي ڪندي ڄڻن عابد جلباڻي، سجاد جلباڻي ۽ ڪامران ماڇي تالا ٽوڙيندڙ ڪئنچي، دوڪان جو ٽٽل تالو ۽ 22 هار رڪور ڪري ورتا آهن. هوڏانهن ايس ايڇ او ڏوڪري سڪندر علي لاکير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سجاد علي گاڏهي جي فرياد تي گناھ نمبر 69 2021، قلم نمبر 380, 457 لڳائي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عابد جلباڻي، سجاد جلباڻي ۽ ڪامران ماڇي دوڪاندار سجاد علي گاڏهي جي دوڪان جي چوري ۾ ملوث هئا جنهن کي چوري ٿيل سامان ۽ ڪئنچي سميت گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدارن کي ڏوڪري ڪورٽ پيش ڪري ريمانڊ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون،ھوڏانھن صحافي راجا سنديلو کان ڦر ٿيل سامان واپس نه ٿيڻ تي ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين ايم رمضان جوڻيجو، قاضي آفتاب، اطهر سنديلو، اسد ٻگهيو ٻين ڏوڪري پوليس کان مطالبو ڪيو ته بنا دير عوامي آواز صحافي راجا سنديلو کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.