خيرپور عدالت پاران 5 جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

خيرپو( ڊ ر ) ٽنڊومستي جي ٽن الڳ _ الڳ ڪيسن ۾ روپوش جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ ملڻ باوجود خيرپور پوليس کين گرفتار نه ڪري سگهي، جڏهن ته فورٿ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ راجه مشهود عرف راجا قريشي جي عدالت ڪيسن ۾ روپوش ڄاڻائيل ڳوٺ ٽنڊو نظر علي جي رهواسي بروهي برادري جي محمد خان ولد خدا بخش، امان الله ولد خدا بخش، محمد حنيف ولد مولا بخش، لال بخش ولد مولا بخش، عمران ولد لال بخش بروهي، ڳوٺ ولي محمد تعلقه ڪنگري جي رهواسي عبدالجبار ولد پانڌي ڪانڌڙو ۽ ڳوٺ غلام اڄڻ تعلقه ڪنگري جي رهواسي علي در ولد مينهل اڄڻ خلاف قلم 87/88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏيندي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

  • ڊگهڙي ۾ ابڙينگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، اين سي داخل

ڊگهڙي (ن ع آ)ڊگهڙي ڀرسان ابڙينگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ ڌر پاران ڊگهڙي ٿاڻي تي اين سي داخل،ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ عبدالقادر ابڙينگ جي رهواسي سڪندر عرف راجا ابڙينگ ڊگهڙي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته آئون تپيدار لاکو طرفان عبدالهادي،عبدالباري ابڙينگ خلاف ڊگهڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايل هڪ ڪيس ۾ شاهد آهيان ڄاڻايل جوابدار چوندا هئا ته اسان توسان وڙھنداسين اڄ جڏهن آئون ۽ سيف الرحمان ابڙينگ موٽرسائيڪل تي راجا ٽائون ويجهو پهتاسين ته عبدالهادي،عبدالباري ابڙينگ ۽ هڪ نامعلوم جوابدارن منهنجو موٽرسائيڪل روڪي سخت تشدد جو نشانو بڻايو اٿن،ذريعن موجب واقعو زرعي زمين تي ٺهيل پاڻي جي نالي جي صفائي تان پيش آيو آهي پوليس جانچ شروع ڪري ڇڏي.

  • گمبٽ عدالت پاران ٻن جوابدارن کي 2 سال جي قيد

سوڀوديرو (ن ع آ)  ايڊيشنل سيشن جج گمبٽ محترم راجيش چندر راجپوت جي عدالت سوڀوديرو ٿاڻي جي  گناھ نمبر 67/2020 قلم 324_353_399_402ppc  جي ٻن جوابدارن نظير عرف ليمون لاڙڪ ۽ لياقت لاڙڪ  کي ٻه ٻه سال قيد ۽ پنجاھ پنجاھ ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جوابدارن کي جيل حوالي ڪيو جوابدارن خلاف سرڪار پاران اي ايس آء محمد ڇٽل ڀيلار فريادي ھيو ڪيس ۾ پوليس مقابلي ارادي قتل ۽ ٻين مختلف سيڪشن تحت  سوڀوديرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل ھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.